علي خان چانڊيو

علي خان چانڊيو

چانڊيو علي خان

چانڊيو، علي خان: سنڌ جو قابل پوليس آفيسر، رئيس علي خان چانڊيو ولد رئيس نورنگ خان چانڊيو، 6 نومبر 1918ع تي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ڪرم خان چانڊيي (ڪنب چانڊيي) جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو. سندس وڏا چانڊيا برادريءَ جي ساکاڻي نُک جا چڱا مڙس هئا. هي اصل غيبي جاگير ۽ پرڏاڏي جي نالي سان ڳوٺ شالو خان تڙ ضلعي لاڙڪاڻي جا رهواسي هئا ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اچي ميهڙ جي ديهه منگواڻيءَ ۾ آباد ٿيا.
رئيس علي خان پنهنجي ابتدائي تعليم منگواڻي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ ميهڙ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. سندس ذهانت سبب ان وقت جي مشهور استاد علامه علي خان ابڙي سندس تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي کانئس ٻٽا امتحان ڏياريا، جيڪي هن نمايان مارڪن سان پاس ڪيا. اهڙيءَ ريت سنڌ مدرسة الاسلام معرفت بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ پرڳڻي ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. عبدالحميد خان جتوئي، حاجي محمد، عثمان ٻٽ، فلم ايڪٽر شيخ حسن سنڌي، عبدالعليم انصاري سندس هم ڪلاس رهيا. تعليم مان فارغ ٿيڻ شرط نواب غيبي خان چانڊيي کيس پنهنجي جاگير جو اعزازي نگران ۽ پنهنجي پوٽي سردار احمد سلطان جو اتاليق مقرر ڪيو ۽ سندس ذهانت ۽ تعليمي اعزاز کي آڏو رکندي کيس ڪرسي به عطا ڪيائين. اهڙيءَ ريت سندس شمار امراءَ ۾ ڳڻيو ويندو هو. 1940ع ۾ پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو ۽ ٽن سالن ۾ کاتي اندر ٿيندڙ امتحانن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪري شيٽ ڪلارڪ ۽ پوءِ اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1950ع ۾ پوليس ۾ سڌيءَ طرح ڀرتي شروع ٿي ته ان ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر مقرر ٿيو ۽ سڄيءَ سنڌ مان ٽريننگ ۾ ٻي پوزيشن کڻڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو. ڇهن مهينن بعد سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي حاصل ڪيائين ۽ اهڙي طرح سنڌ پرڳڻي ۽ چانڊيا قبيلي مان پهريون پوليس آفيسر بڻيو. هي ڏوهارين خلاف سخت عملدار ۽ ايماندار آفيسر ليکيو ويندو هو. پوليس سروس دوران کيس سوين ميڊل، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. علي خان چانڊيي کي سنڌ جي قابل پوليس آفيسرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. مشهور شخصيتن: ذوالفقار علي ڀُٽي، نواب اڪبر بُگٽيءَ، جنرل ٽِڪا خان، رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جويي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وغيره سان ويجهڙائپ رهيس. هن راڄوڻي فيصلن ۾ به مکيه ڪردار ادا ڪيو، جانورين ۽ چانڊين جي تڪرار ۾ چاليهه جانيون ضايع ٿيون. هن ڪوشش وٺي ڌرين کي کير کنڊ ڪري خونريزيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏيو. ان کان سواءِ هن چانڊيا قبيلي جي بهتريءَ لاءِ ڪيترا ڪم ڪيا.
علي خان چانڊيو سنڌي، بلوچي، بروهي، سرائيڪي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻوليون ڳالهائي سگهندو هو. قرآن پاڪ جي تلاوت پر سوز انداز ۾ ڪندو هو، هي سنڌ جو روايتي مهمان نواز ۽ ڪچهرين جو مور، ملنسار، سخي ۽ امن پسند هو. 1972ع ۾ ڊي. ايس. پيءَ جي عهدي تان سياسي بنيادن سبب زوريءَ رٽائر ڪيو ويو. 22 مارچ 1998ع تي وفات ڪيائين. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جيڪو کيرٿر جي آخري دامن ۾ جبل البدر جي ماٿريءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.11.06  عيسوي

رئيس علي خان چانڊيو ولد رئيس نورنگ خان چانڊيو، 6 نومبر 1918ع تي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ڪرم خان چانڊيي (ڪنب چانڊيي) جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائو.


1998.03.22  عيسوي

علي خان چانڊيي 22 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت ڏيوجي
جينت ريلواڻي
بخشل باغي
حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
اسماعيل فقير ڏيرو
سوامي ڪيشوداس مهاراج
آزاد قاضي
ايلسا قاضي
شاهد ڀٽو
سيد قاسم محمود
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون